18 اتوار , نومبر 2018

نواز شريف نااهل به ٿيندو ۽ جيل به ويندو: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو وڌيڪ ڏينهن محفوظ نه رهندو نواز شريف نااهل به ٿيندو ۽ جيل به ويندو. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ت پاڪستاني معاشرو هاڻ تبديل ٿي چڪو آهي ۽ ان جي شروعات جو نقطو وزير اعظم جو احتساب آهي، اڄ پاڪستان جي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي، نواز شريف قوم سان خطاب ڪري ڪوڙ ڳالهايو ۽ عدالت ۾ به اهو نه ٻڌايو ته هو ارب پتي ڪيئن بڻيو پر انهن جي هڪ هڪ رپئي جو حساب عدالت ۽ عوام جي سامهون اچي چڪو آهي ان اصل ڪاروبار ڪرپشن هو هن موٽر وي جي ڪميشن کي ٻاهر منتقل ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ فيصلو محفوظ ڪيو ۽ اهو گهڻا ڏينهن محفوظ نه رهندو. ايندڙ هفتي فيصلو ايندو ۽ وري نواز شريف نااهل به ٿيندو ۽ جيل به ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪجهه مهينن ۾ فوڊ اٿارٽي جي ڪارروائين ۾ تيزي ايندي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) اطلاعات بابت صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ فوڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے