19 پیر , نومبر 2018

اولهه ڪناري تي اسرائيلي فورسز جي فائرنگ، 3 فلسطيني شهيد، 100 کان وڌيڪ زخمي

يرروشلم (ويب ڊيسڪ): والاريل اولهه ڪناري جي شهر رمله ۾ اسرائيلي فورسز جي فائرنگ ۾ 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، گذريل ڏينهن اسرائيلي پوليس 50 سال کان گهٽ عمر جي مسلمانن کي مسجد الاقصيٰ وڃڻ کان روڪڻ جو اعلان ڪيو هيو، جڏهن ته مسجد طرف ويندڙ رستن تي سڪيورٽي اوزار به لڳايا هئا، اسرائيل جي انهن قدمن تي فلسطينين طرفان احتجاج ڪيو پيو وڃي، برطانوي نشرياتي اداري موجب رمله ۾ فلسطينين ۽ اسرائيلي فورسز وچ ۾ چڪريون ٿيون، جنهن دوران 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا، فورسز چڪرين ۾ فلسطينين تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ فلسطيني زخمي به ٿي پيا، رپورٽن موجب شهرين ۽ فورسز وچ ۾ چڪريون والاريل بيت المقدس ۾ نون سڪيورٽي قدمن تي ٿيون، فلسطيني صدر محمود عباس جو چوڻ آهي ته قبله اول طرفان سڪيورٽي اوزار لڳائڻ تي اسرائيل سان لاڳاپا محدود ڪري رهيا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

donaldTrump, ForeignMinisterTalrison

پاڪستان امريڪا لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو  دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے