22 جمعرات , نومبر 2018

لنڊن جي ريلوي اسٽيشن تي مسلمان عورت جو اسڪارف لاهڻ جي ڪوشش

لنڊن (ويب ڊيسڪ): برطانيه ۾ نسلي تعصب ۽ نفرت انگيز حملن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن جو نشانو اڪثر ڪري مسلمان بڻجي رهيا آهن، اهڙو ئي هڪ واقعو لنڊن جي انڊر گرائونڊ ريلوي اسٽيشن ۾ مسلمان عورت سان پيش آيو، جتي هڪ شخص زبردستي ان جو نقاب لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نازيبا زبان به استعمال ڪئي، برطانوي نشرياتي اداري جي رپورٽ مطابق انيسو عبدالقادر نالي عورت سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي اها دعويٰ ڪئي ته اها پنهنجي دوستن سان گڏ لنڊن جي بيڪر اسٽريٽ ريلوي اسٽيشن تي ٽرين جو انتظار ڪري رهي هئي ته اوچتو هڪ شخص ان جو اسڪارف پڪڙي ڇڪڻ شروع ڪيو، انيسو مطابق هن پنهنجي اسڪارف کي مضبوطي سان پڪڙي رکيو ۽ حملو ڪندڙ شخص جڏهن اسڪارف لاهڻ ۾ ناڪام رهيو ته هن تشدد ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، مبينا حملو ڪندڙ انيسو جي هڪ دوست کي پڪڙي ڀت سان لڳايو ۽ ان جي چهري تي ٿڪڻ لڳو، انيسو عبدالقادر سوشل ميڊيا تي مبينا حملو ڪندڙ جي تصوير به شيئر ڪئي آهي ۽ دعويٰ ڪئي آهي ته ان شخص ان تي ۽ ان جي دوستن تي حملو ڪيو، انويسو اها دعويٰ به ڪئي ته ان شخص سان گڏ هڪ عورت به هڪئي، جيڪا انهن خلاف نازيبا لفظ استعمال ڪري رهي هئي، برطانوي ٽرانسپورٽ پوليس جو چوڻ آهي ته انه کي واقعي جي رپورٽ ملي اهي ۽ اهي مختلف رخن کان ان جي جاچ ڪري رهيا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته ان طرح جا واقعا ناقابل قبول آهن ۽ ذميدارن کي ڪنهن به صورت معاف نٿو ڪري سگهجي، هوڏانهن برطانوي اخبار گارجين موجب مسلمان عورت جنهن شخص تي حملي جو الزام لڳايو آهي، ان جي سڃاڻپ پاويل ازچيويڪ نالي سان ٿي آهي ۽ ان پاڻ مٿان لڳايل الزامن کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي، ان جو چوڻ آهي ته اهو حادثي واري هنڌ موجود ضرور هيو پر اهو پنهنجي دوست کي وڌيڪ ٽن عورتن جي حملي کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي ولي عهد جمال خاشقجي جي قتل ۾ هر گز ملوث ناهي: سعودي پرڏيهي وزير

رياض(ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير عادل الجبير چيو آهي ته سعودي ولي عهد جمال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے