12 پیر , نومبر 2018

اڪشي ڪمار جي ايندڙ فلم ’’ٽوائلٽ: ايڪ پريم ڪٿا‘‘ ليڪ ٿي ويئي

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ سپر اسٽار اڪشي ڪمار پنهنجي نئين ايندڙ فلم ’’ٽوائلٽ: ايڪ پريم ڪٿا‘‘ جي ريليز ٿيڻ کان اڳ ئي آن لائن ليڪ ٿي وڃڻ تي مداحن لاءِ پيغام جاري ڪندي چيو ته پائريسي جو انڪار ڪن. ذريعن موجب اڪشي ڪمار جي نيئن ايندڙ فلم ’’ٽوائلٽ: ايڪ پريم ڪٿا‘‘ پهرئين ئي مسئلن جو شڪار بڻيل هئي ۽ فلم جي ڪهاڻي تي به چوري جو الزام لڳل هو، ۽ هاڻي فلم ريليز ٿيڻ کان اڳ ئي آن لائين ليڪ ٿي ويئي آهي جنهن تي پروڊيوسر مٿو جهلي ويهي رهيو آهي جڏهن ته فلم اڃا تائين مداحن جي هٿ نه لڳي سگهي. اڪشي ڪمار به ان حوالي سان چيو آهي ته پائريسي جي خلاف جنگ تمام اهم آهي ۽ اها سٺي ڳالهه آهي ته ڪرائم برانچ ان ناخوشگوار واقعي جي خلاف ڪاروائي ڪئي آهي جڏهن ته آئون پنهنجي مداحن، دوستن ۽ ساٿين کي اپيل ٿو ڪريان ته پائريسي کان انڪار ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيف علي خان جي ڌيءُ رنڀير ڪپور سان شادي جي خواهشمند

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان جي ڌيءُ  سارا علي خان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے