13 منگل , نومبر 2018

سلمان خان  پاران شاهه رخ خان کي ’’بيئنگ هيومن‘‘ تحفو

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ دبنگ سلمان خان فلم انڊسٽري جي اداڪار شاهه رخ خان  ۽ انهن جي ٻارن کي پنهنجي چيريٽيبل برانڊ ’’بينگ هيومن‘‘ جي تعارف ڪيل ’’اي سائيڪل‘‘ تحفي ۾ ڏيئي ڇڏي. ڀرتي ميڊيا مطابق ٻنهي باليوووڊ اسٽارز کي مختلف فلمن جي مشهورين واري تقريبن ۽ مختلف جاين تي گڏ ڏٺو ويندو آهي جڏهن ته گذريل ڏينهن ۾ سلمان خان، شاهه رخ خان ۽ ان جي پٽ سان گڏ سائيڪلن تي ممبئي جي روڊن تي گهمندي ڦرندي پڻ ڏٺو ويو هو. ڪجهه ڏينهن اڳ شاهه رخ خان هدايتڪار آنند ايل راءِ جي فلم ۾ آئٽم سونگ ڪرڻ تي سلمان خان کي لگزري ڪار تحفي ۾ ڏني هئي ۽ هاڻي سلمان خان پنهنجي چيريٽيبل برانڊ ’’بيئنگ هيومن‘‘ جي اي سائيڪل شاهه رخ خان ۽ ان کي پٽ کي تحفي ۾ ڏني آهي. سلمان خان ان ڏينهن ۾ پنهنجي فلم ’’ٽائيگر زنده هي‘‘ جي شوٽنگ جڏهن ته شاهه خان پنهنجي نئين ايندڙ فلم ’’ جب هيري ميٽ سجل‘‘ جي اشتهاري مهم ۾ مصروف آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيف علي خان جي ڌيءُ رنڀير ڪپور سان شادي جي خواهشمند

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان جي ڌيءُ  سارا علي خان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے