19 پیر , نومبر 2018

سپريم ڪورٽ فوجي عدالت مان سزا مليل جوابدار جي ڦاهي تي عمل روڪي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ فوجي عدالت مان سزا کاڌل جوابدار جي ڦاسيءَ تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي. جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ فوجي عدالت مان سزا مليل محمد اڪبر جي فيصلي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت فريادي جي وڪيل جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪئي، جڏهن ته ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. محمد اڪبر کي فوجي عدالت 2 سڪيورٽي اهلڪارن کي قتل ڪرڻ ۽ 6 کي زخمي ڪرڻ جي الزام هيٺ موت جي سزا ٻڌائي هئي. فيصلي خلاف پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي جيڪا رد ڪئي وئي. آئين تحت فوجي عدالتن مان سزا مليل جوابدار پنهنجي سزائن خلاف هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري سگهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے