14 بدھ , نومبر 2018

سعودي ۾ اسان کي آبي زم زم ۽ شريف خاندان کي فيڪٽريون ملن ٿيون: سراج الحق

لوئر دير ( ويب ڊيسڪ ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته سعودي عرب ۾ اسان کي رڳو آب زم زم ملندو آهي، جڏهن ته شريف خاندان کي فيڪٽريون ملنديون آهن. لوئر دير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته نواز شريف نه پر اسان جي صبر جو پئماني لبريز ٿي رهيو آهي. هن چيو ته نواز شريف جلد گهر يا جيل ڏيندو. سندس چوڻ هو ته 435 ٻين ماڻهن ۽ پارٽين جا نالا به آيا آهن، سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي. سراج الحق چيو ته سپريم ڪورٽ کي فوري طور پاناما ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ گهرجي. هن چيو ته پاناما جي ڦورن مٿان هڪ تلوار ٽنگيل آهي. سراج الحق چيو ته پاناما اسڪينڊل نواز شريف تي الله تعاليٰ جي بي آواز لٺ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے