13 منگل , نومبر 2018

دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جا حامي آهيون: گڏيل قومن جو سيڪريٽري

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومنجي جنرل سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريز لاهور ۾ ٿيل ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جا حامي آهيون. پنهنجي جاري بيان ۾ انتونيو گوتريز چيو ته لاهور ڌماڪي ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس آهي ۽ ڏک جي ان وقت ۾ متاثر خاندانن سان گڏ آهيون ۽ شهيد ٿيلن جي وارثن سان تعزيت ڪيون ٿا. گڏيل قومن جي سيڪريٽري چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جا حامي آهيون ۽ ڌماڪي جي ذميوارن کي قانون جي ڪٺهڙي ۾ آندو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے