20 منگل , نومبر 2018

سريلنڪا ۾ ڊينگي جي مرض سبب فوت ٿيل ماڻهن جو انگ وڏي 300 ٿي ويو

ڪولمبو( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪا ۾ تيزيءَ سان پکڙجندڙ ڊينگي وائرس سبب فوت ٿيل ماڻهن جو تعداد وڌي 300 ٿي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سريلنڪا ۾ ڊينگي وائرس سبب متاثر ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي هڪ لک کان وڌي ويو آهي. سريلنڪن اختيارين جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ تيزيءَ سان پکڙجندڙ ڊينگيءَ جي مرض جو سبب تازو ٿيل برساتون آهن جنهن کانپوءِ تلائن ۾ گندگي ۽ گندگي جا ڍير ٿي ويا آهن ۽ مڇر تيزيءَ سان وڌي ويجهي رهيا آهن. صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته وائرس کي روڪڻ لاءِ آسٽريليا طرفان سريلنڪا ۾ ڊينگي وائرس کان بچائڻ لاءِ هڪ هفتي جو پروگرام به شروع ڪيو ويو آهي. صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته احتياطي تدبيرن ۽ علاج سان اهڙي خطرناڪ مرض کان بچي سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

6 Dead, Many Injured In Explosion Near Ordnance Depot In Maharashtra

مهاراشٽرا ۾ هٿيارن جي گودام ۾ ڌماڪو، 6 ڄڻا فوت

مهارشٽرا( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي رياست مهارشٽرا ۾ فوج جي هٿيارن جي گودام ۾ ڌماڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے