13 جمعرات , دسمبر 2018

عمران خان مني ٽريل پيش نه ڪري سگهيو، نواز شريف ڪاڏي نه ويندو: دانيال عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ جي اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته عمران خان بني گالا جي زمين خريداري جي حوالي سان مني ٽريل پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، اڄ به عمران خان جي سپريم ڪورٽ ۾  گولاٽيون جاري آهن. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته ڪنهن به صورت ۾ بني گالا واري ايراضي جا پورا ناهن ٿي رهيا، عمران خان قبول ڪري رهيو آهي ته ان وٽ مني ٽريل ناهي، هن چيو ته جي آءِ تي نواز شريف خلاف ڪو ثبوت ناهي مليو، نواز شريف ڪاڏي نه پيو وڃي هاڻ رڳو عمران خان نه پر سڄي پارٽي نااهل ٿيڻ واري آهي، عمران خان اسرائيل ۽ ڀارتي ڪمپني کان پيسا ورتا. ان موقعي تي حنيف عباسي جو چوڻ هو ته عمران خان چوندو آهي ته لنڊن فليٽ 1983 ۾ هڪ لک 17 هزار پائونڊن ۾ خريديو آهي هاڻ ان ۾ 500 پائونڊ جي واڌ ٿي آهي ان جي بيانن ۾ فرق آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے