19 پیر , نومبر 2018

ممبئي ۾ رهائشي عمارت ڪري پئي، 4 ڄڻا فوت، ڪيترائي ملبي هيٺيان دٻيل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ): ممبئي ۾ رهائشي عمارت ڪرڻ سبب 4 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي ملبي هيٺيان دٻجي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي، ڀارتي خابرو ويب سائيٽ موجب ممبئي جي اوڀر علائقي گهٽڪوپار ۾ عمارت ڪرڻ سبب 30 ماڻهو ملبي هيٺيان دٻجي وڃڻ جو خدشو آهي، جن جي ڳولا جو ڪم جاري آهي، ميڊيا رپورٽن موجب ريسڪيو اهلڪارن طرفان اڃا تائين ملبي هيٺيان 11 ماڻهن کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جن مان 4 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، ممبئي چيف فائر آفيسر جو چوڻ آهي ته انهن کي عمارت ڪرڻ جو اطلاع صبح 11 وڳي مليو، جنهن بعد فوري طور تي عملي واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون، چيف فائر آفيسر موجب 4 ماڙ رهائشي عمارت مڪمل طور ڊهي پٽ پئجي چڪي آهي، عمارت ۾ 30 کان 40 ماڻهو رهائش پذير هئا، جڏهن ته ان ۾ نرسنگ هوم به قائم هيو، جنهن ۾ مرمتي ڪم هئڻ سبب وڌيڪ مريض موجود نه هئا، چيف فائر آفيسر جو چوڻ هيو ته عمارت جي ملبي هيٺ ڪيترائي ماڻهو دٻيل هئڻ جو خدشو آهي، جن جي ڳولا جو ڪم جاري اهي ۽ وڌ کان وڌ ماڻهن کي حفاظت سان ڪڍڻ لاءِ وڏي مشينري استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو پيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جدي ۾ قيد پاڪستانين جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

پشاور(ويب ڊيسڪ) جدي ۾ قيد پاڪستانين جو ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي، جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے