15 جمعرات , نومبر 2018

خالد لطيف ٽريبيونل ۾ پيش نه ٿيندو، ڪوريئر ذريعي جواب موڪلي ڇڏيو

لاهور(اسپورٽس نيوز)معطل ڪرڪيٽر خالد لطيف اسپاٽ فڪسنگ جي ٻڌڻي ڪندڙ ٽريبيونل کي تحريري جواب موڪلي ڇڏيو آهي. هو ٽريبيونل ۾ اڄ اربع ڏينهن پيش ٿيندو. معطل ڪرڪيٽر خالد لطيف ڪوريئر ڪمپني ذريعي پنهنجو جواب ٽريبيونل کي موڪلي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته خالد طليف تحريري جواب ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ٽريبيونل ان کي نظرانداز ڪري هڪ طرفي ڪارروائي ڪئي. پي سي بي جي گواهن جي بيانن ان جي غير موجودگيءَ ۾ ريڪارڊ ڪيل ان جي وڪيل جي گواهن تي جرح ڪرڻ جو موقعو نه مليو، جنهن سان ڪيس جي شفافيت تي اثر پيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته خالد لطيف تحريري جواب ۾ وڌيڪ چيو آهي ته گواهن جي بيانن جي ڪاپي ڪيترائي ڀيرو گهري وئي، پر آخري ڏينهن ڪاپي ڏئي تحريري جواب ڏيڻ جو چيو ويو. خالد لطيف ڪيس جي ٻڌڻي 26 جولاءِ تي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ٿيندي جنهن ۾ ڌرين کي تحريري دليل جمع ڪرائينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي سي بي، پي ايس ايل جي ٽائٽل اسپانسر جو باقاعده اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ  (پي ايس ايل) جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے