20 منگل , نومبر 2018

قائونصل جنرل گريس شيلٽن ۽ ثقافت واري سيڪريٽري اڪبر لغاري پاران لنڪن ڪارنر جي پهرين سالگره ملهائڻ واري تقريب

ڪراچي:  قائونصل جنرل گريس شيلٽن سنڌ حڪومت جي ثقافت واري سيڪريٽري اڪبر لغاري  سان گڏجي ڪراچيءَ ۾ لنڪن ڪارنر جي پهرين سالگره ملهائي. لنڪن ڪارنرامريڪي قائونصليٽ جنرل ۽ سنڌ حڪومت جي ثقافت واري وزارت جي شراڪتداريءَ سان قائم آهي. ڪالهه سمورو ڏينهن لنڪن ڪارنر پنهنجي سالگراهه جي سسلي ۾ مختلف پروگرام ۽ سرگرميون جاري رکيون، جن ۾ امريڪي راندين، انگريزي ٻوليءَ ۾ ڳالهه ٻولهه جا ڪلاسز، ٿري ڊي پرنٽنگ ۽ ميڪر اسپيس ٽيڪنالاجي بابت اهڙا ورڪشا پس منعقد ڪيا ويا، جيڪي ڪراچيءَ ۾ ڏسڻ لاءِ گهٽ ملن ٿا.  قائونصل جنرل گريس شيلٽن لنڪن ڪارنر ڪراچيءَ جي هڪ سال پوري ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته، هوءَ مستقبل ۾ اڃا به وڌيڪ وڻندڙ سرگرمين کي ڏسي رهي آهي.گذريل سال دوران لنڪن ڪارنر ڪراچي وسيع پيماني تي مختلف پروگرامن جي ميزباني ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وارا ڪلاسز، ٽيڪنالاجي ۽ فلم ٺاهڻ بابت ورڪشاپس سان گڏ ليڪچر توڙي امريڪي ۽ پاڪستاني ڳالهائيندڙن سان مختلف موضوعن تي بحث مباحثا منعقد ڪيا ويا، جن جا موضوع افريڪي ۽ امريڪي تاريخ کان وٺي عورتن جي  جي سگھاري ڪردار بابت موضوع شامل هئا. لنڪن ڪارنر ڪراچي مستقل طور تي لياقت ميموريل لائبريري جي ميمبرن توڙي عام ماڻهن لاءِ تعليمي ۽ ثقافتي سرگرميون منعقد ڪندو آيو آهي. امريڪي سفارتخاني پاران سموري پاڪستان ۾ 19 لنڪن ڪارنر قائم ڪيا ويا آهن، جتي عام ماڻهوءَ جي ڪتابن، رسالن ۽ فلمن تائين رسائي ٿي سگهي ٿي، اُتي واءِ فاءِ جي سهولت پڻ ڏنل آهي. هن پليٽفارم تي وڏي پيماني جون مختلف سرگرميون ٿين ٿيون، جنهن ۾ امريڪا سان تعلق رکندڙ ماهر به شريڪ ٿين ٿا.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف العزيزيه ريفرنس ۾ دفاع پيش ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو نه ڪري سگهيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف العزيزيه ريفرنس ۾ دفاع پيش …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے