17 ہفتہ , نومبر 2018

کدڙا فقير آمريڪي فوج ۾ ڪم نٿا ڪري سگهن: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ): آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کدڙن فقيرن جي فوج ۾ ڪم ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪري ڇڏي، ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پنهنجي جنرلز ۽ دفاعي ماهرن سان مشورو ڪيو، جنهن بعد مون فيصلو ڪيو ته آمريڪي حڪومت کدڙن فقيرن کي فوج ۾ قبول نه ڪندي، ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته کدڙا فقير آمريڪي فوج ۾ ڪنهن به حيثيت ۾ ڪم نٿا ڪري سگهن، آمريڪي صدر کدڙن فقيرن تي ايندڙ طبي خرچن کي بار قرار ڏئي ڇڏيو، هن چيو ته اسان اهڙي قسم جا خرچ برداشت نٿا ڪري سگهون، تنهن ڪري اسان جي فوج کي پنهنجي صلاحيتن تي ڌيان ڏيڻو پوندو، گذريل سال اڳوڻي صدر بارڪ اوباما جي انتظاميا کدڙن فقيرن کي فوج ۾ آزاداڻي طور ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هيو، پر هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ ئي آمريڪا جي دفاعي سيڪريٽري جيمز ميٽس کدڙن فقيرن جي فوج ۾ ڀرتي جي عمل کي 6 مهينن تائين روڪڻ جي رضامندي ظاهر ڪئي هئي، ٻئي طرف ڪجهه ري پبلڪنز طرفان به کدڙن فقيرن جي فوج ۾ ڀرتي تي سخت مخالفت ڪئي وئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

18-year boy abducted, killed in Pulwama

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج سرچ آپريشن دوران نوجوان کي اغوا کانپوءِ قتل ڪري ڇڏيو

سرينگر (ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ 18 ورهين جي نوجوان کي سادا ڪپڙا پهريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے