17 ہفتہ , نومبر 2018

ڪشميرين جي قاتل 5 ڀارتي فوجين جي عمر قيد جي سزا ختم ڪئي وئي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ): ڀارتي فوجي عدالت ڪشميرين کي جعلي مقابلي ۾ شهيد ڪندڙ 5 فوجين جي عمر قيد جي سزا ختم ڪري ڇڏي، آرمڊ فورسز ٽربيونل ڪرنل ۽ ڪيپٽن سميت 5 ڀارتي فوجين جي عمر قيد جي سزا معطل ڪري ڇڏي آهي، انهن فوجين جي وڪيل ميجر رٽائرڊ آنند ڪمار ٻڌايو ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ انهن کي آزاد ڪيو ويندو، ياد رهي ته 2010 ۾ لائن آف ڪنٽرول ويجهو والاريل ڪشمير جي ضلعي پلوامه جي ڳوٺ مازهل ۾ انهن فوجين 3 بي گناهه ڪشميرين 27 سالن جي شهزاد خان، 19 سالن جي شفيع لون ۽ 20 سالن جي رياض لون کي درانداز قرار ڏئي جعلي مقابلي ۾ شهيد ڪري ڇڏيو هو، 2014 ۾ ڀارتي فوجي عدالت انهن جو ڪورٽ مارسل ڪري عمر قيد جي سزا ٻڌائي، جيڪا والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج کي عمر قيد جي سزا ڏيڻ جي پهرين مثال هئي، قاتل فوجين ۾ ڪمانڊر آفيسر ڪرنل ڊي ڪي پٺانيه، ڪپتان اوپيندر سنگهه، صوبيدار ستبير سنگهه، حوالدار دوندرا ڪمار ۽ لانس لائڪ لکمي شامل آهن، اهي فوجي ٽنهي ڪشميري نوجوانن کي نوڪري جو لالچ ڏئي فوجي ڪيمپ تائين وٺي آيا ۽ اتي انهن کي فائرنگ ڪري شهيد ڪري پاڪستاني درانداز هئڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو، انهن شهادتن ۾ سڄي وادي ۾ ڇهه مهينن تائين احتجاجي مظاهرا ٿيا هئا، جنهن دوران وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد ۽ گرفتار ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي جو قتل سعودي عرب جو گهرو معاملو آهي: عادل الجبير

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جمال خاشقجي جي قتل کي عالمي معاملو مڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے