14 بدھ , نومبر 2018

ٽيسٽ ڪرڪيٽ مان رٽائرمينٽ جو ڪو ارادو ناهي: محمد عامر

لاهور(اسپورٽس نيوز) محمد عامر ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڇڏڻ جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هڪ برطانوي ويب سائٽ کي انٽرويو ۾ عامر چيو ته هڪ رانديگر کي هر فارميٽ لاءِ پنهنجي فٽنس جو معيار برقرار رکڻ لاءِ سخت محنت جي ضرورت هوندي آهي، ڪم بيڪ بعد مان شروع ۾ ٿوري مشڪل کي منهن ڏنو پر هاڻي مڪمل فٽ ۽ ٽنهي فارميٽ ۾ ملڪ جي نمائندگي لاءِ تيار ڪندس. عامر چيو ته اسپاٽ فڪسنگ ڪيس زندگي جو مشڪل ترين وقت هو، ان وقت ڪيريئر عروج تي هو پر پابندي جو شڪار ٿي ويس، مان 5 سالن جي وقفي بعد وڌيڪ مضبوط ٿي اڳيان آيو آهيان، منهنجي نوجوان ڪرڪيٽرن کي درخواست آهي ته ڪڏهن اڳتي وڌڻ لاءِ آسان رستن جي چونڊ نه ڪن، لاڳيتي محنت ۽ ڪوشش سان ملندڙ ڪاميابي پائيدار هوندي آهي. محمد عامر چيو ته پاڪستاني پرستارن جي اميدون تمام گهڻيون هونديون آهن ان ڪري ڪارڪردگي متاثر به ٿيندي آهي، ذاتي طور تي سمجهان ٿو ته اسپاٽ فڪسنگ ڪيس بعد ڪرڪيٽر ۽ انسان طور وڌيڪ پختو ٿي ويو آهيان ۽ هاڻي دٻاءُ برداشت ڪرڻ جي بهتر صلاحيت رکندو آهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئي سي سي ون ڊي رينڪنگ: پاڪستان  پنجين نمبر تي اچي ويو

دبئي(اسپورٽس نيوز)آئي سي سي جي ون ڊي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي ٽيم پهرين ۽ پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے