13 منگل , نومبر 2018

پي سي بي جاچ ڪري مونکي اسپاٽ فڪسنگ کان ڪليئر قرار ڏنو: عمر اڪمل

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل اسپاٽ ڪيس ۾ ٽربيونل جي ڪارروائي دوران برطانوي نيشنل ڪرائم ايجنسي جي آپريشنز مينيجر اينڊريو جي گواهي جي موقعي تي اها ڳالهه اڳيان آئي ته اسڪينڊل ۾ مبينا طور تي عمر اڪمل ۽ محمد سميع به ملوث آهن، ٺوس شاهد اڳيان اچڻ تي ڪا حتمي ڳالهه چئي سگهي ٿي. نجي ٽي وي کي انٽرويو ۾ ان حوالي سان ڳالهائيندي عمر اڪمل چيو ته مونکي ان ڪيس ۾ گهليو پيو وڃي، مان پي سي بي جو شڪر گذار آهيان جو ان معاملي جي جاچ ڪري واضح ڪيو ته منهنجو ڪوبه ڪردار ناهي. هڪ سوال تي عمر اڪمل چيو ته پنهنجي فٽنس کي نظرانداز ڪرڻ جي غلطي تسليم ڪيان ٿو، مان پاڻ ئي پنهنجي لاءِ مسئلا پيدا ڪيا، ڪوچ، ڪپتان ۽ رانديگرن سان گڏ منهنجو سٺا تعلق رهيا آهن، مان ٽيم ۽ سينٽرل ڪنٽريڪٽ کان باهر هئڻ جو پاڻ ئي ذميوار آهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وومينز ورلڊ ٽي ٽوئنٽي: ڀارت پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

پراويڊينس( اسپورٽس نيوز ) عورتن جي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ پاڪستان وومين کي لڳاتار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے