22 جمعرات , نومبر 2018

گال ٽيسٽ: شيکر ڌون جي 190 رنسن جي دونهيندار اننگز، ڀارت جا 399 رنسن تي 3 آئوٽ

گال(اسپورٽس نيوز) سريلنڪا ۽ ڀارت وچ ۾ پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن ڀارت ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 399 رنسون ٺاهي ورتيون ،ڀارت طرفان شيکر ڌون 190 رنسن جي دونهيندار اننگ کيڏي، جڏهن ته چتيشور بجاپرا 144 ۽ ريهاني 39 رنسون ٺاهي وڪيٽ تي موجود آهن. سريلنڪا طرفان ٽئي وڪيٽون نوان پرديپ حاصل ڪيون. تفصيل مطابق اربع ڏينهن سريلنڪا خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ ٽاس کٽي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. مهمان ٽيم آل رائونڊر هاردڪ پانڊيا کي ٽيسٽ ڪيپ ڏني، ڀارتي پهرين ڏينهن جي پڄاڻي تي 90 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 399 رنسون بڻائي ورتيون. ڀارتي طرفان شيکر ڌون 168 بالن تي 190 رنسن جي دونهيندار اننگز کيڏي پراديپ جي بال تي ميٿيوز هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو ۽ ڊبل سينچري کان محروم رهجي ويو، جڏهن ته موڪنڊ 12 ۽ ويرات ڪوهلي صرف 3 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا، ڀارت طرفان چتيشور پجارا 144 ۽ ريهاني 39 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود آهن. سريلنڪا طرفان نواب پراديپ 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. اهڙي طرح پهرين اننگز جي پهرين ڏينهن جي پڄاڻي تي ڀارت ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 399 رنسون ٺاهي مضبوط پوزيشن اختيار ڪري ورتي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آسٽريلوي ڪرڪيٽ جي تاريخ جو پهريون ويٽرنز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ اڄ کان شروع

سڊني (ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ويٽرنز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ منعقد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے