19 پیر , نومبر 2018

پنهنجي ٻارڙن لاءِ ڪيريئر جي قرباني نه ڏني آهي: ڪاجول

ممبئي( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي اداڪاره ڪاجول چيو آهي ته مان پنهنجي ٻارن لاءِ فلمي ڪيريئر جي قرباني نه ڏني آهي. هڪ انٽرويو ۾ ڪاجول چيو ته مان ٻار پيدا ڪيا ڇاڪاڻ ته مان سندن ذميواري کڻڻ پئي چاهي ۽ اها ڪا به قرباني ناهي. هن چيو ته اهي منهنجي ٻار آهن ۽ مان ساڻن مرڻ گهڙي تائين محبت ڪنديس. سندس چوڻ هو ته منهنجو ڪٽنب ۽ ٻارڙا منهنجي ترجيح آهن، منهنجو فلمي ڪم ته منهنجي زندگيءَ جو رڳو هڪ حصو آهي. ڪاجول چيو ته مان ۽ اجي ديوگن طئي ڪيو آهي ته پنهنجي ٻارڙن کي ميڊيا کان پري رکيو ويندو، مان کين ڪيريئر جي چونڊ جي آزادي ڏيڻ چاهي ٿي، پنهنجي زندگي بابت سوچڻ سندن پنهنجو فيصلو هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جان ابراهم رنوير ۽ دپيڪا جي شادي تي ڳالهائڻ کي فضول سمجهي ٿو…!

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪار جان ابراهيم بالي ووڊ جي جوڙي دپيڪا پڊڪون ۽ رنوير سنگھه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے