16 جمعہ , نومبر 2018

اڄ کان يوم احتساب جي شروعات ٿي رهي آهي: بابر اعواڻ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڊاڪٽر بابر اڳواڻ چيو آهي ته اڄ کان يوم احتساب جي شروعات ٿي رهي آهي، فيصلو جيڪو به ايندو پاڪستان جي ذميوار شهري رياست يا رياستي ادارن خلاف ڪجهه نه ٿيڻ ڏين. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته گهڻا ماڻهو چون ٿا ته ڪجهه به نه ٿيندو، ڪجهه ماڻهو چون ٿعا ته قانون جي بالادستي ٿيندي، صدر ممنون چيو هو ته پاناما الله جي پڪڙ آهي جڏهن ته آئون چوان ٿو ته اڄ يوم بالادستي آئين آهي. هن چيو ته اڄ يوم احتساب جي شروعات ٿي رهي آهي، سڄي پاڪستان جي ماڻهن کي عرض ڪندس ته اڄ تربر، صبر ۽ شڪر جو ڏينهن آهي، اسان هڪ نيو ڪليئر رياست آهيون جنهن جا ذميوار شهري اڄ رياست يا رياست جي ادارن جي خلاف ڪجهه ٿيڻ نه ڏيندا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي احتساب جو نظام ڏاڍو زبردست آهي جيڪو ڪنهن کي ڀڄڻ نه ڏيندو ۽ جيڪڏهن ڪير ڀڄي به ويو ته ان کي پڪڙي واپس آندو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے