21 بدھ , نومبر 2018

لاهور پوليس ڪُڪڙ کي جيل ۾ قيد ڪري ڇڏيو

326273_50735130لاهور (ع آ نيوز) پنجاب پوليس ديسي ڪُڪڙ کائڻ جي به شوقين نڪتي، پر پنهنجي نه جوابدارن جي کيسي مان، مصطفيٰ آباد ٿاڻي ۾ پوليس اهلڪارن قيد جوابدار کي ديسي ڪُڪڙ کارائڻ جي فرمائش ڪئي، ڪُڪڙ پهتو ته ميڊيا به اچي ڌماڪو مچائي ڏنو، پر پوليس اهلڪارن به دير ئي نه ڪئي ۽ ڪڪڙ کي کڻي جيل ۾ قيد ڪري ڇڏيو، پنجاب جي هڪ ٿاڻي مصطفيٰ آباد جي پوليس اهلڪارن جيل ۾ قتل ڪيس جي هڪ قيدي کي ڪُڪڙ کارائڻ جي فرمائش ڪئي ۽ چيو ته اڄ سڀني اهلڪارن جي دل چوي ٿي ته ديسي ڪُڪڙ کائڻو آهي، قتل ڪيس جي قيدي مالڪن کي ديسي ڪُڪڙ وٺي اچڻ جو چيو، جيئن ئي ڪُڪڙ پهتو ته ميڊيا به اچي پهتي، جنهن کان پوءِ پوليس اهلڪارن ڪُڪڙ کي کڻي جيل ۾ قيد ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ پاسيرا ٿي نڪري ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ جانورن جو رت پيئندڙ شخص گرفتار

حديبيا (ع آ نيوز) يمن ۾ پوليس هڪ شخص کي گرفتار ڪيو آهي، جيڪو جانورن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے