19 پیر , نومبر 2018

مسلمانن تي حملن خلاف اڳوڻن ڀارتي فوجين به مودي خلاف ڳالهائي ڏنو

نئين هلي (ويب ڊيسڪ): ڀارت جي 114 اڳوڻن فوجي آفيسرن نريندر مودي جي نالي هڪ خط لکيو آهي، جنهن ۾ مسلمانن ۽ دلتن تي حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي، ان خط تي انڊين آرمي، نيوي ۽ ايئرفورس جي اڳوڻن آفيسرن صحيحون ڪيون آهن، جنهن ۾ مسلمانن ۽ دلتن تي ”مڇريل ماڻهو“ جي وڌندڙ حملن جي سڌن سنون  لفظن  ۾ مذمت ڪندي انهن کي ڀارتي  سلامتي جي خلاف قرار ڏنو آهي، واضح رهي ته ڀارتيا جنتا پارٽي جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ مسلمانن، هيٺين ذات جي دلتن تي انتها پسندن جي حملن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته گذريل هڪ سال کان هندو (هندو ڌرم جي بالادستي) جي نالي تي نئين قسم جي وارداتن جو رجحان وڌي رهيو آهي، ڪيترائي هندو هڪ هجوم جي شڪل ۾ ڪجهه هٿين خالي مسلمانن يا دلتن تي حملا ڪري انهن کي قتل ۽ زخمي ڪري ڇڏيندا آهن، ان طرح پوليس ”اڻڄاتل ماڻهن“ خلاف ڪيس داخل ڪري فائل بند ڪري ڇڏيندي آهي، ۽ اصل ذميوارن خلاف مناسب قانوني ڪارروائي به عمل ۾ ناهي آندي ويندي، ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته انهن حملن خلاف نه صرف ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ ان جي ڀارتيا جنتا پارٽي تي خاموشي ڇانيل هوندي آهي، پر مجموعي طور تي ڀارتي سياسي قيادت به ڪجهه ناهي چوندي، جنهن سبب ڀارت ۾ انتها پسندن جي هجوم جي حملن ”mob attacks“ جو رجحان وڌي رهيو آهي، ۽ اهڙي رتو ڇاڻ جي وارداتن جو انگ به وڌي رهيو آهي، ان معاملي تي پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرائڻ لاءِ ڀارتي فوج جي اڳوڻن آفيسرن نريندر مودي جي نالي هڪ کليل خط لکيو آهي، جنهن ۾ انهن اهڙن حملن جي مذمت ڪئي آهي، ۽ ان تي مايوسي جو اظهار به ڪيو آهي، ٻئي پاسي ان خط ۾ ”گئو رڪشڪ“ ۽ ”هندوتوا رڪشڪ“ جي نالي سان وجود ۾ اچڻ وارن انتها پسند جٿن ۽ انهن جي بي رحماڻن حملن تي سخت تنقيد ڪئي آهي، ڀارتي فوج جي اڳوڻن آفيسرن هندوتوا جي نالي تي ڪيل حملن کي ڀارتي فوج ۽ آئين جي بالادستي، ٻنهي لاءِ بدترين صدمو به قرار ڏنو آهي، ان سان گڏوگڏ ڄاڻايل آفيسرن اعلان ڪيو آهي ته هو انهن حملن خلاف هلندڙ مهم ”ناٽ ان ماءِ نيم“ سان گڏ آهن، جڏهن ته خط ۾ انهن هي به لکيو آهي، ته ڀارت جون موجوده حالتون قابل نفرت، خوفزده ڪرڻ واريون ۽ ”شڪي“ آهن، ان سان گڏ انهن ڀارت ۾ اظهار راءِ کي آزادي تي ملڪ دشمني قرار ڏيڻ جي روش ۽ حڪومتي خاموشي کي به مجرماڻو قرار ڏنو آهي، خط ۾ ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ته اهڙا واقعا ڀارت کي ورهائي رهيا آهن، جنهن کان انهن کي وڌيڪ تڪليف پهتي آهي، جنهن جو اظهار ضرورري آهي، ان خط ۾ اڳوڻي ڀارتي فوجي افسرن لکيو ته ”جيڪڏهن اسان سيڪيولر ۽ اعتدال پسند قدرن جي حق ۾ نه ڳالهائينداسين ته پنهنجي ملڪ ئي جو نقصان ڪنداسين“.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جدي ۾ قيد پاڪستانين جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

پشاور(ويب ڊيسڪ) جدي ۾ قيد پاڪستانين جو ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي، جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے