20 منگل , نومبر 2018

انگلينڊ جي شوقينن معين علي کي ”معينا ليزا“ بڻائي ڇڏيو

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي شوقينن آل رائونڊر معين علي کي ”معينا ليزا“ بڻائي ڇڏيو. اوول ٽيسٽ دوران اسٽيڊيم ۾ ڪجهه شوقينن بالڪوني ۾ هڪ تصوير لڙڪائي، جنهن ۾ مصوري جي شاهڪار ”مونا ليزا“ جي انداز ۾ معين علي جو پورٽريٽ هو، جنهن جي مٿان ”معينا ليزا“ لکيل هو. ڪيترن ئي شوقينن ان تصوير جو مزاحيا پهلو ڏٺو، جڏهن ته انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ ان تصوير کي پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي شيئر به ڪيو پر سوشل ميڊيا تي شوقينن جي اڪثريت کي اها تصوير نه وڻي. انهن ان کي انگلينڊ جي ڪرڪيٽرن ۽ قومي هيرن جي توهين قرار ڏنو، هڪ شخص لکيو ته مون کي اها تصوير توهين جهڙي نظر اچي رهي آهي، مون کي حيرت ان ڳالهه تي ٿي رهي آهي ته انگلش بورڊ اها تصوير پاڻ پوسٽ ڪئي آهي، اميد آهي ته معين علي ان معاملي تي باقاعدي طور شڪايت ڪندو. انگلش آل رائونڊر معين علي کي به پنهنجي ان پورٽريٽ ۾ مزاحيا پهلو ئي نظر آيو، تنهن ڪري هن پنهنجي بورڊ جي ان پوسٽ کي ئي ري ٽوئيٽ ڪري پنهنجي چاهيندڙن تائين پهچائي ڇڏيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ: شروعاتي 10 بهترين بيٽسمينن ۾ هڪ به پاڪستاني شامل نه

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل( آءِ سي سي ) نئين ٽيسٽ رينڪنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے