19 پیر , نومبر 2018

پي سي بي کان معافي گهرڻ جي ضرورت ناهي: افغان ڪرڪيٽ بورڊ

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چيئرمين شهريار خان طرفان سامهون آيل تازي بيان تي افغان ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) ردعمل ڏيندي چيو آهي اسان کي معافي گهرڻ جي ضرورت ناهي. اي سي بي چيئرمين عاطف مشعال چيو آهي ته افغامستان دنيا جي سڀني ڪرڪيٽ کيڏندڙ ملڪن ۽ انتظاميا سان گڏيل احترام ۽ قومي مفادتن جي بنياد تي پنهنجا لاڳاپا قائم ڪرڻ چاهي ٿو. واضح رهي ته پي سي بي چيئرمين شهريار خان ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان بورڊ آف گورنرز جي اجلاس کانپوءِ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته اي سي بي جي چيئرمين ڪابل ڌماڪي کانپوءِ ڏنل پنهنجي بيان تي شرمندگي ظاهر ڪئي. هن اهو به چيو هو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ان معاملي کي حل ڪرڻ ۽ ڪرڪيٽ جا رابطا بحال ڪرڻ لاءِ اي سي بي چيئرمين طرفان عوامي سطح تي معافي جي ضرورت آهي پر اي سي بي سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته انهن کي پاڪستان کان معافي گهرڻ جي ضرورت آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان جي شاهجهان خان ڪينيڊا اوپن اسڪواش ٽورنامينٽ کٽي ورتي

اوٽاوا (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي شاهجهان خان پي ايس اي ڪينيڊا اوپن اسڪواش ٽورنامينٽ پنهنجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے