15 جمعرات , نومبر 2018

ٽيسٽ رينڪنگ ۾ اظهر علي جي گهر ويٺي ترقي

دبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل نئين ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پاڪستاني بيٽسمين اظهر علي جي ٻه درجا ترقي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ هو ڏکڻ آفريڪا جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ کي پوئتي ڇڏيندي ڇهين پوزيشن تي اچي ويو آهي. انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽين ٽيسٽ ميچ کانپوءِ نئين رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن تحت بيٽسمينن ۾ اظهر علي جي گهر ويٺي ٻه درجا ترقي ٿي وئي آهي ۽ هو اٺين کان ڇهين نمبر تي پهچي ويو آهي. بيٽنگ ۾ شروعاتي 5 پوزيشنن تي ڪا به تبديلي ناهي ٿي. آسٽريلوي ڪپتان اسٽيون سمٿ پهرين، انگلش ڪپتان جو روٽ ٻئي، ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن ٽئين، ڀارت جو چتيشور پوجارا چوٿين ۽ ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي پنجين نمبر تي موجود آهي. اظهر علي ۽ ڊيوڊ وارنر ٻه، ٻه درجا ترقي سان ترتيب وار ڇهين ۽ ستين، ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ اٺين، جوني بيئر اسٽو نائين ۽ هاشم آملا ڏهين نمبر تي پهچي ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات ٿي وئي آهي جڏهن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے