19 پیر , نومبر 2018

جمهوري قوتن آمر خلاف جدوجهد ڪئي، 58 ٽوبي ختم ڪيو: رضا رباني

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته آئين جي تحت رياست جي پهرين ترجيح پاڪستان جي شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت آهي. ڪوئيٽا ۾ هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي  سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو ته سي پيڪ خلاف نه پر اڄ پاڪستان جنهن جاءِ تي بيٺو آهي ان ۾ محاذ آرائي جو وڏو عمل دخل آهي، آئون سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي دعوت ٿو ڏيان ته هو اچن ۽ ڳالهيون ڪن ملڪ کي مضبوط ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سمورا ادارا پنهنجن حدن ۾ رهي ڪم ڪن ته اسان قائد اعظم جي خواب کي حقيقي شڪل ڏئي سگهون ٿا. هن چيو ته جمهوري قوتن آمر خلاف جدوجهد ڪئي ۽ 58 ٽوبي کي ختم ڪيو ويو ته هڪ ٻيو طريقو سامهون آيو، عوام جا نمائندا پارليامان ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ هوندا آهن، ڪڏهن پارليامان کي ماشل جي آڙ سان ختم ڪيو ويو ۽ عدليه ايگزيڪٽو تي حاوي ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ ڪالهه توهان ڏسي رهيا آهيو ته ايگزيڪٽو پارليامان تي حملي آور ٿيندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ ڪارروائي، القاعده جو اهم اڳواڻ گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سيڪيورٽي ادارن ڪارروائي ڪندي القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے