18 جمعہ , جنوری 2019

انگلش ڪائونٽي: سمر سٽ ٽيم هاڻي فخر زمان تي ڀاڙيندي

لنڊن(اسپورٽس نيوز) سمرسٽ ڪائونٽي چئمپين شپ جي ڊويزن ون ۾ پنهنجي بقا جون اميدون فخر زمان سان لڳائي ڇڏيون. سمرسٽ جي ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ ميٽ مينارڊ چيو ته اسان لاءِ اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته فخر زمان اسان کي جوائن ڪرڻ وارو آهي، ٽوئنٽي 20 بلاسٽ جي آخري مرحلي ۾ ٽيم کي ڊين ايلجر جون به خدمتون حاصل ٿي وينديون، پر هو وڌيڪ چئمپين شپ ڪرڪيٽ لاءِ دستياب نه هوندو، ان لاءِ چئن ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ فخر زمان تي ڀاڙينداسين. واضح رهي ته نيوزيلينڊ جي ڪوري اينڊرسن جي انجرڊ ٿيڻ سبب سمرسٽ پاڪستناي هارڊ هٽر جون خدمتون حاصل ڪيون جيڪو ويزا ملندي ئي انگلينڊ پهچي ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي ٽيم ون ڊي سيريز لاءِ جوهانسبرگ کان پورٽ الزبٿ پهچي وئي

جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست کان پوءِ ڏکڻ آفريقا خلاف هڪ ڏينهن جي سيريز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے