16 جمعہ , نومبر 2018

ڀارتي شاگرد جي گوگل ۾ نوڪريءَ واري دعويٰ رد

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) گوگل ڀارتي اسڪول جي شاگرد جي دعويٰ کي قرار ڏنو آهي، جنهن چيو هو ته کيس گوگل طرفان نوڪري ڏني وئي آهي ۽ 20 لک رپيا ماهوار پگهار ڏني ويندي. گوگل موجب اسان هرشت شرما نالي ڪو به ملازم ناهي رکيو. واضح رهي ته سرڪاري اسڪول کيس نيشنل اچيومينٽ قرار ڏنو، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا به ان خبر کي باقاعدي رپورٽ ڪيو ۽ سوشل ميڊيا تي به ان خبر کي سٺي موٽ ملي. ڀارتي اخبار جي رابطي تي گوگل ٻڌايو ته اسان وٽ اهڙي ڪنهن به ملازم جو رڪارڊ موجود ناهي. اخبار موجب گوگل دنيا جي ڪنهن به اسڪول جي شاگرد کي نوڪري تي ناهي رکندو. هرشت ۽ اسڪول اختيارين خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

روهنگيا مسلمانن تي ظلم معاف ڪرڻ جوڳو ناهي: آمريڪي نائب صدر جو سوچي کان پڇاڻو

کٽمنڊو(ويب ڊيسڪ)امريڪي نائب صدر مائيڪ پينس ملاقات دوران ميانمار جي اڳواڻ آنگ سانگ سوچي کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے