20 منگل , نومبر 2018

نوجوان رانديگرن مان تمام گهڻيون اميدون آهن: مڪي آرٿر

لاهور( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته  هو قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي مستقبل مان تمام گهڻو پراميد آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مڪي آرٿر چيو ته چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن پر قومي ٽيم بهتر کان بهتر ٿي رهي آهي. هن چيو ته مصباح الحق ۽ يونس خان جي جاءِ وٺڻ لاءِ نوجوان رانديگر موجود آهن. سندس چوڻ هو ته بابر اعظم ۽ اسد شفيق مان کيس تمام گهڻيون اميدون آهن.  مڪي آرٿر چيو ته عمر اڪمل تي دارومدار آهي ته هو ڪيتري جلدي معيار تي پورو لهي ٿو. هن چيو ته چيمپينز ٽرافي جي جشن جو وقت ختم ٿي ويو، هاڻي ٻيهر ڪم جو وقت اچي ويو آهي. مڪي آرٿر چيو ته 22 آگسٽ تي ڪيمپ شروع ٿيندي، تمام ڪرڪيٽرز کي معيار تي پورو لهڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي سي بي پاڪ-آسٽريليا سيريز جون ڪجهه ميچون پاڪستان ۾ ڪرائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايندڙ سال مارچ ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے