20 منگل , نومبر 2018

والاريل ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ ۾ ميجر سميت 2 ڀارتي فوجي مارجي ويا، 2 جوان به شهيد

سرينگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج رياستي دهشتگردي جو مظاهرو ڪندي 2 نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن ته چڪرين ۾ ميجر سميت ٻه ڀارتي فوجي مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. ڪشمير ميڊيا موجب ضلعي ڪلگام جي علائقي گوپال پوره ۾ ڀارتي فوج محاصرو ڪرڻ کان پوءِ سرچ آپريشن دوران ٻه نوجوانن عاقب احمد ۽ سهيل احمد کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڀارتي فورسز دعويٰ ڪئي آهي ته ٻئي نوجوان عسڪريت پسند هئا جن جو تعلق حزب المجاهدين سان هو ۽ انهن پهرين مئي تي حملو ڪري 5 پوليس اهلڪارن سميت 7 سيڪيورٽي اهلڪارن کي ماريو هو. ٻئي پاسي ڀارتي فوج ضلعي شوپيان جي ڳوٺ زئي پوره جو محاصرو ڪيو جنهن دوران عسڪريت پسندن سان ڇڪتاڻ ۾ ميجر سميت ٻه ڀارتي فوجي مارجي ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم عمران خان 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ملائشيا روانو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان ٻن جي سرڪاري دوري تي ملائيشيا روانو ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے