14 بدھ , نومبر 2018

عمران خان عدالت ۾ بيان تبديل ڪري رهيو آهي، ان وٽ ڪو به ثبوت ناهي: دانيال عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته عمران خان عدالت ۾ بيان تبديل ڪري رهيو آهي اڄ انڪشاف ٿيو آهي ته عمران خان لنڊن فليٽ جو ڀاڙو وصول ڪندو رهيو آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته عمران خان وٽ فارن فنڊنگ بابت ڪو به ثبوت ناهي، ڪڏهن مشتاق احمد جو ڪنٽريڪٽ ۽ ڪڏهن مرچ مصالحي وارن جا ڪنٽريڪٽ ڏيکاريا. هن چيو ته عمران خان جي ڪرڪيٽ مان ڪمايل پيسو سڀ گڏائي 3 هزار پائونڊ بڻجن ٿا، هو ٽيڪس چور آهي ۽ ان وٽ پنهنجي آمدن صحيح ثابت ڪرڻ جو ڪو به ثبوت ناهي، ڪوڙ ڳالهائڻ وارا نااهل ٿيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحت لاءِ هاڃيڪار کاڌو کائڻ سبب ٻارن جي فوت ٿيڻ وارو معاملو، جاچ ڪميٽي جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني واري علائقي ڪلفٽن ۾ ريسٽورنٽ ۾ ماني کائڻ کانپوءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے