16 جمعہ , نومبر 2018

نااهلي ڪيس: سپريم ڪورٽ پرڏيهي فنڊنگ جي جاچ جو معاملو اليڪشن ڪميشن موڪلڻ جي درخواست رد  ڪري ڇڏي

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) عمران خان جي نااهلي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته آئين ۾ صادق ۽ امين نه پر ايماندار ۽ ديانت دار جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ عمران خان جي نااهلي ڪيس بابت ٻڌڻي ڪئي. حنيف عباسي جي وڪيل اڪرم شيخ جواب الجواب دليل ڏيندي چيو ته پابندي مڙهيل فنڊن جي ڇنڊڇاڻ جو معاملو اليڪشن ڪميشن موڪلڻ  جي هدايت  جي حمايت ڪئي آهي، تحريڪ انصاف جي آمدني جو ذريعو عطيو آهي ڇو ته سندن ميمبرشپ في تمام گهٽ آهي، بينظير ڀٽو ڪيس ۾ 11 رڪني بينچ فيصلو ڏنو ته هر پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي پابند آهي، عرض آهي ته ڇنڊڇاڻ وارو معاملو غير مشروط طور موڪليو وڃي، قانوني طور ڏسڻو آهي ته رقم ڪٿان اچي رهي آهي.  اڪرم شيخ چيو ته سياسي پارٽيون حڪومت ٺاهي ملڪ هلائڻ لاءِ پاليسي ٺاهينديون آهن تنهن ڪري پاليسي ٺاهن ۾ عطين جو وڏو ڪردار هوندو آهي، هي ڪيس سياسي پارٽين جي معيار جو آهي، عدالت اليڪشن ڪميشن يا ڪنهن انڪوائري ڪميشن کي معاملو موڪلي سگهي ٿي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته عمران خان آف شور ڪمپني ۾ نه شيئر هولڊر ۽ نه وري منتظم هو، رڳو ڄاڻڻ چاهين ٿا ته لنڊن فليٽس جو اصل مالڪ ڪير آهي؟، عمران خان موجب هو فليٽ جو بينيفشڪل مالڪ آهي. اڪرم شيخ چيو ته شيل ڪمپني وڪرو ٿي ته رقم بينيفيشل مالڪ کي ئي ملندي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته توهان جو نقطو نوٽ ڪيو آهي ته 3 پائونڊ جي ڪمپني به اثاثو آهي، توهان چاهيو ته هڪ ڪاغذ تي ٻڌل شيءَ کي اثاثو چيو وڃي. حنيف عباسي جي وڪيل اڪرم شيخ عمران خان جي زندگي تي ٻڌل ڪبتاب شاهدي طور پيش ڪئي ۽ چيو ته ڪرسٽين فورڊ عمران خان جي زندگي تي تمام گهڻي تحقيق ڪئي. چيف جسٽس چيو ته ڪتاب عمران خان نه پر ڪنهن ٻي جو لکيل آهي، ڪتاب تي ڪيتري حد تائين ڀاڙي سگهجي ٿو. اڪرم شيخ چيو ته مني لانڊرنگ جو وٽس ثبوت نه آهي ۽ نه الزام هنيو آهي. چيف جسٽس چيو ته بئنڪ رڪارڊ مان ثابت ٿي رهيو آهي ته پئسو ٻاهران آندو ويو. اڪرم شيخ چيو ته ڊالر ۽ پائونڊ جو اگهه ڪڏهن برابر نه رهيو آهي، خط ۾ چيو ته پئسا ڊالر ۾ مليا، رڪارڊ موجب پئسا پائونڊز ۾ مليا آهن، عمران خان جو جواب غلط آهي يا وري رڪارڊ، منهنجو موقف آهي ته عدالت ۾ جعلي رڪارڊ پيش ڪيو ويو آهي. جسٽس فيصل عرب چيو ته ڪتاب ۽ رڪارڊ ۾ ڪو به تضاد سامهون نه آيو آهي. جسٽس عمر عطا بنديال موجب توهان جي رڪارڊ موجب بئنڪ رڪارڊ غلط ۽ ڪتاب درست آهي، اڪرم شيخ چيو ته رڳو دستاويز  درست هئڻ تي سوال نه اٿي رهيو آهي؟ سپريم ڪورٽ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس بابت ٻڌڻي اڻڄايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يوٽرن نه وٺندڙ اڳواڻ ئي ناهي، هٽلر ۽ نيپولين يوٽرن نه وٺي وڏي شڪست کاڌي: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪو اڳواڻ حالتن جي موجب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے