15 جمعرات , نومبر 2018

عمران خان جيڪڏهن ايترو ئي صاف آهي ته بليڪ بيري ڏيکاري: حنيف عباسي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حنيف عباسي چيو آهي ته عائشه گلالئي جي الزامن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، عمران خان جيڪڏهن ايترو ئي صاف آهي ته بليڪ بيري ڏيکاري، ان ۾ ڪهڙو حرج آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي حنيف عباسي چيو ته جيڪڏهن هڪ ڪونسلر تي به اهڙا الزام لڳل هوندا آهن ته هو پريس ڪلب ۾ پنهنجو موبائيل صحافين کي پيش ڪندو آهي. هن چيو ته عمران خان دليل سان مقابلو ڪري، هو به پنهنجو بليڪ بيري پيش ڪري آئون به پيش ڪيان ٿو،  جاچ ٿيندي ته سچ سامهون اچي ويندو. ليگي اڳواڻ چيو ته عائشه گلالئي کان تحريڪ انصاف جا اڳواڻ ميسيج سامهون آڻڻ جو نه چون نه ته پوءِ عمران خان ۽ عائشه گلالئي جو بليڪ بيري به سامهون اچي ويندو ۽ اصل ڳالهه سامهون اچي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته اڃان ته لاهور سان تعلق رکندڙ عورت ملائيڪا سامهون ناهي آئي، ان وٽ به ڪجهه ثبوت آهن. عمران خان کان عليحدگي کان پوءِ ريحام خان ڏاڍي اعليٰ ظرفي جو مظاهرو ڪيو، جيڪڏهن 2018ع جي چونڊن کان پهرين ريحام خان جو ڪتاب سامهون اچي ويو ته عمران خان ڪنهن منهن ڏيکارڻ جي قابل نه هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سئو ڏينهن ۾ جيڪي ڪم ڪيا آهن تاريخ ۾ ڪا حڪومت انهن جي ويجهو به نه پهتي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے