16 جمعہ , نومبر 2018

حسن روحاني ٻيو ڀيرو ايراني صدر جو حلف کڻي ورتو

تهران (ويب ڊيسڪ): حسن روحاني ٻيو ڀيرو ايران جو صدر چونڊجي ويو ۽ ان پنهنجي منصب جو حلف به کڻي ورتو، ايران جي سپريم ڪمانڊر آيت الله خامنئي حسن روحاني جي صدارت جو حلف ورتو، حسن روحاني ٻيو ڀيرو صدر چونڊجڻ تي ايران کي عالمي تنهائي مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي، تهران ۾ عوام ۽ عسڪري عملدارن سان ڳالهائيندي حسن روحاني چيو ته اسان ڪنهن صورت ۾ عالمي تنهائي قبول نه ڪنداسين، حسن روحاني آمريڪا سان جوهري معاهدي کي عالمي سطح تي ايران لاءِ سٺو تاثر قرار ڏنو، هن چيو ته ملڪ ۾ چونڊ عمل مڪمل ٿي چڪو آهي، هاڻي ايڪتا ۽ سهڪار جو وقت شروع ٿي چڪو آهي، ايراني صدر جو چوڻ هيو ته جيڪي ماڻهو ملڪ جو مفاد چاهين ٿا، مان انهن طرف هٿ وڌايان ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري سريلنڪن وزيراعظم راجا پاڪسا خلاف عدم اعتماد جي قرارداد منظور

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ ) سريلنڪن پارليامنٽ تڪراري وزيراعظم مهندا راجا پاڪسا خلاف عدم اعتماد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے