19 پیر , نومبر 2018

اوم پوري جي آخري فلم ”مسٽر ڪٻاڙي“ 25 آگسٽ تي رليز ٿيندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مرحوم اداڪار اوم پوري جي فلم ”مسٽر ڪٻاڙي“ 25 آگسٽ تي سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي. بالي ووڊ جو تجربي ڪار اداڪار اوم پوري هلندڙ سال جي شروعات ۾ 6 جنوري تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو هو، سندس آخري فلم ”مسٽر ڪٻاڙي“ کي 25 آگسٽ تي نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو. فلم جي ڪاسٽ ۾ انو ڪپور، ويني پانڪ، ساريڪا، بريجندرا ڪالا، راجيو سنگهه، ڪشش ورا ۽ مينال ڪپور به شامل آهن. فلم جي هدايتڪارا اوم پوري جي پهرين زال سيما ڪپور آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پريانڪا چوپڙاجو مڱيندو نڪ جونز ڪهڙي بيماري ۾ مبتلا آهي؟

ممبئي(شوبز نيوز) مشهور بالي ووڊ اداڪارا پرينڪا چوپڙا جو ٿيندڙ مرس نڪ جونز شگر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے