19 پیر , نومبر 2018

سپريم ڪورٽ ۾ نئين چونڊيل وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خلاف درخواست داخل

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خلاف ايل اين جي گئس اسڪينڊل جي ٻيهر جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.  سپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خلاف ايل اين جي اسڪينڊل جي نئين سر جاچ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ وزيراعظم، سندس پرنسپل سيڪريٽري ۽ نيب چيئرمين کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پيٽروليم وزير تي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، وزيراعظم قطري ڪمپنين کي ايل اين جي جي ٺيڪن ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي، شاهد خاقان عباسي ۽ اڳوڻي احتساب بيورو جي چيئرمين سيف الرحمان جي ملي ڀڳت سبب انڪوائري بند ڪرائي وئي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عدالت وزيراعظم خلاف نيب انڪوائري ٻيهر کولرائڻ سميت قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙ سمورن ذميوارن جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو حڪم جاري ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ناپاڪ دشمن جي عزم کي خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين: ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه چيو آهي ته اسان دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے