13 منگل , نومبر 2018

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي طرفان ترقياتي رٿائون تيز ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي  ترقياتي ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ وفقي ڪابينا جو پهريون اجلاس ٿيو. 44 رڪني ڪابينا جي قسم کڻڻ کانپوءِ پهريون باضابطا اجلاس ٿيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪابينا ميمبرن کي عهدو سنڀالڻ تي وڌايون پيش ڪيون. ذريعن موجب اجلاس ۾ سمورن وفاقي وزيرن ۽ ممڪلتي وزيرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي پنهنجي ڪابينا کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ان دوران وزارتن بابت چئن سالن جي معاملن جو به جائزو ورتو ويو. ذريعن موجب ڪابينا جي اجلاس ۾ خاص ڪري تونائي سميت ٻيون ترقياتي رٿائون وقت تي مڪمل ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪابينا جي ميمبرن جو  هر هفتي اجلاس سڏائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪابينا جي ميمبرن کي ترقياتي رٿائون جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے