18 اتوار , نومبر 2018

عائشه گلالئي سڄي ملڪ جي عورتن کي لڄائي ڇڏيو آهي: جمشيد دستي

ملتان( ويب ڊيسڪ ) عوامي راڄ پارٽي جي سربراهه جمشيد دستي چيو آهي ته عائشه گلالئي سڄي ملڪ جي عورتن کي لڄائي ڇڏيو آهي. ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي امير مقام پئسا ڏئي عائشه گلالئي کي خريد ڪيو آهي. هن چيو ته عمران خان خلاف نواز شريف سازش تيار ڪئي. هن چيو ته عمران خان ڏکي وقت ۾ منهنجو ساٿ ڏنو. سندس چوڻ هو ته ڊيرا غازي خان ۾ مون کي ڊيٿ سيل ۾ بند رکيو ويو، ڊيٿ سيل ۾ وڇون ۽ ڪوئا هئا جيڪي مان ماريا. جمشيد دستي چيو ته احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي مان پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته آڪٽوبر مهيني ۾ جلسو ڪيو ويندو، جيڪڏهن ڪنهن بدمعاشي ڪئي ته ڪمشنر جي آفيس ۾ جلسو ڪندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے