13 منگل , نومبر 2018

ٻن ادارن تي تنقيد نه ٿي ڪري سگهجي، تنقيد ڪندڙن کي نظرثاني ڪرڻ گهرجي: شاهه محمود

ملتان( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه  محمود قريشي چيو آهي ته ٻن ادارن تي تنقيد نه ٿي ڪري سگهجي، جيڪي ڪري رهيا آهن تن کي نظرثاني ڪرڻ گهرجن. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته منهنجي اڳڪٿي هئي ته شاهد خاقان عباسي 10 مهينن تائين وزيراعظم رهندو،  45 ڏينهن جو وزيراعظم 47 رڪني ڪابينا نه ٺاهيندو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ هر پارٽي جمهوريت جو ساٿ ڏنو آهي، جمهوريت ۽ احتساب کي گڏ گڏ هلڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ڪرپٽ عنصرن جي خاتمي سان جمهوريت مضبوط ٿيندي. شاهه محمود قريشي چيو ته چوڌري سرور اين اي 120 تان اميدوار نه هو، هو 2018ع  ۾ اين اي 1188 تان اليڪشن ۾ حصو وٺندو. هن چيو ته لاهور ۾ هزارين ماڻهو گندو پاڻي واپرائڻ سبب اسپتال ۾ آهن. سندس چوڻ هو ته اسان جا جوان جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته حڪمران اڻ لاڳاپيل معاملن کي هٿي ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته حڪمرانن جو ڌيان اهڙين شين تي آهي جنهن تي هاڻي ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے