13 جمعرات , دسمبر 2018

آزاد ڪشمير جي وزير اعظم ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ وزير اعظم آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ آزاد ڪشمير جي وزير اعظم  راجا فاروق حيدر  ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير حافظ حفيظ الرحمان خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته راجا فاروق حيدر ۽ گلگت جي وڏي وزير سپريم ڪورٽ جي تاريخ ساز فيصلي کي فڪسڊ ۽ بغاوت قرار ڏنو، آزاد ڪشمير جي وزير اعظم تقرير ڪندي چيو ته هاڻ سوچيندا سين ته ملڪ سان الحاق ڪيون. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته گلگت بلتستان جي وڏي وزير حافظ حفيظ الرحمان سپريم ڪورٽ کان پنهنجي سوال جو جواب گهريو ته توهين عدالت ڪئي آهي جڏهن ته آزاد ڪشمير جي وزير اعظم نااهل ۽ ڪرپٽ وزير اعظم نواز شريف کي هميشه وزير اعظم سڏڻ جو اعلان ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے