18 جمعرات , اکتوبر 2018

تعليم کاتو ڌيان ڏئي

”ڪنهن به قوم کي تباهه ڪرڻو هجي ته ان جي تعليم تباهه ڪريو ، واري چوڻي ڄَڻُ ته سنڌ تي مڪمل طور فٽ اچي ٿي، سنڌ ۾ هونئن ته ڪو به شعبو ۽ ادارو سئين لڱين ڪونهي پر تعليم کاتي جا حال مڙوئي هيڻا آهن.

سنڌ پاڪستان جو شايد واحد صوبو آهي، جتي تعليم سان جيڪو حشر ٿيو آهي، سو شايد ئي ڪنهن صوبي سان  ٿيو هجي، صوبي اندر پنج هزار اسڪول بند هئڻ جو سرڪاري طور اعتراف ٿيل آهي. جن مان وري اڌ اسڪول هلندڙ سال جون تائين  کولي اتي پڙهائيءَ جو عمل شروع ڪرڻ جو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حڪم ڏنو هو، ان حڪم تي ڪيترو عمل ٿيو؟ ڪا ڪَلَ ڪانهي.

اطلاع آهن ته گرمين جون موڪلون ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪاڇي ۾ پڙهائيءَ  عمل شروع ٿي نه سگهيو آهي. ڏٺو وڃي سڄي سنڌ ۾ اسڪولن اندر استادن جي حاضري يقيني بڻائي ۽ گوسڙو ماسترن کي ڊيوٽي ءَ  جو پابند بڻائڻ لاءِ بايو ميٽرڪ جو نظام متعارف ڪرايو ويو هو، جيڪو اڄ به لاڳو آهي. تعليم واري اڳوڻي سيڪريٽري  جڏهن اهو نظام لاڳو ڪيو هو ته سندس خلاف باهه ٻري وئي هئي، اهي جيڪي اسڪول وڃي ٻار  پڙهائڻ جا عادي هئا، تن اهڙن استادن جي ڀرجهلو تنظيمن ۽ گوسڙو استادن  کي ماهوار ڏيتي ليتيءَ جي بنياد تي ڊيوٽيءَ کان آجو قرار ڏئي ڇڏيندڙ تعليم کاتي جي عملدارن سندن خلاف واويلا ڪئي هئي پر سيڪريٽري جي سطح تي جيئن ته طئي ٿي چڪو هو ته بايو ميٽرڪ نظام هر صورت ۾ متعارف ڪرڻو آهي، جيڪو متعارف ٿيو ۽ ان جا مثبت نتيجا به سامهون آيا.

چوڻ جو مطلب ته عزم هجي ته سڀ ڪجهه  ٿي سگهي ٿو، ناممڪن کي به ممڪن بڻائي  سگهجي ٿو، سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي بورڊ جي ميٽرڪ جي نتيجن تي سرهائي ڏيکاريندي امتحان ۾ پاس ٿيل شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مبارڪون ڏيندي چيو ته اسان ڪاپيءَ جي خاتمي لاءِ ڪوششون ورتيون ۽ امتحانن ۾ ڪوشش ڪئيسين ته ڪاپي نه ٿئي، ان لاءِ قدم کنيا ويا.

ڏٺو وڃي ته سنڌ جي تعليم هٿ وٺي تباهه ڪئي وئي آهي، سنڌ اندر تعليم اڄ جنهن صورتحال ۾ آهي، ائين ستر واري ڏهاڪي  ۾ ڪڏهن به نه هئي. سرڪاري اسڪولن جي پنهنجي هڪ ساک  هوندي هئي. ضيائي آمريت ۾ جيئن ڌاڙيل ڪلچر متعارف ٿيو، هيروئن ڪلچر متعارف ٿي، تيئن سنڌي قوم جي تعليم کي تباهه ڪرڻ  لاءِ ڪاپي ڪلچر متعارف ٿيو ۽ اهو ڪلچر ايترو ته متعارف ٿيو جو ٻين صوبن جا نااهل شاگرد به ڊگري وٺڻ لاءِ سنڌ اچي امتحان ڏيندا هئا ۽ اڄ به امتحان ڏين ٿا، سنڌ ۾ جيتوڻيڪ تعليمي ايمرجنسي لاڳو آهي، تعليم جي ڀلائيءَ لاءِ قدم به کنيا پيا وڃن پر هن زبون حال شعبي کي سنئين دڳ تي آڻڻ لاءِ حڪومت جي جي کنيل  قدمن جا جيترا تڪڙا ۽ فوري نتيجا اچڻ گهرجن، سي ايندي نظر نه ٿا اچن.

هڪ ته بند اسڪول هنگامي بنيادن تي کولي اتي پڙهائيءَ  جو عمل شروع ڪرڻ ۽ استادن جي حاضري هرحال ۾ يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي ٻيو ته ريٽائرڊ ماسترن جي جاءِ تي جيڪي جعلي ڀرتيون، تعليم کاتي جي عملدارن خزاني آفيس جي عملي سان ملي ڀڳت ذريعي ڪيون آهن. تنهن خلاف  به ڪارروائيءَ جي ضرورت آهي ته جيئن ڪنهن حقدار جو حق نه مري، ٻيو ته اين ٽي ايس ذريعي ’جيڪي ماستر ۽ ماسترياڻيون ميرٽ تي ڀرتيون ٿيون هيون، تن لاءِ اصول لاڳو ڪيو ويو هو ته اهي ٽن سالن تائين انهن يونين ڪائونسلن جي اسڪولن ۾ فرض نڀائيندا جن سان واسطو رکن ٿا، هاڻي اهڙن استادن کي پنهنجي پنهنجي يونين ڪائونسلن ۾ ڊيوٽي نڀائيندي ئي سال ٿي ويا آهن، انهن بابت ڪهڙي پاليسي هوندي سا به تعليم کاتي کي واضع ڪرڻ گهرجي.

سرڪاري ڪامورو هجي يا چونڊيل نمائندو، عوام جا خادم هجن ٿا ۽ عوام جا خادم ئي  جڏهن عوام سان ملڻ لاءِ تيار نه هجن، سندن درن تي موجود عملو ” صاحب مصروف آهي“  صاحب ميٽنگ ۾ آهي، صاحب ملڻ کان منع ڪئي آهي، وارو رٽيل جملو چئي ملڻ لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ڏور انهن علائقن کان سنڌ سيڪريٽريٽ  ايندڙ ماڻهن  کي موٽائي ڇڏي ته پوءِ عوام جا مسئلا حل ڪيئن ٿيندا؟ اهي حل ٿيڻ بدران ويتر وڌندا، ان ڏس ۾ به سرڪاري سطح تي خاص ڪري تعليم کاتي کي پاليسي واضح ڪرڻ گهرجي.

اڱارو   8  آگسٽ  2017ع،  15 ذوالقعد  1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جي معاشي بدحاليءَ جي ذميوارن جو تعين…

تحريڪ انصاف جي اڳواڻن چونڊن کان اڳ ۽ بعد ۾ اها ڳالهه وڏي اعتماد سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے