20 منگل , نومبر 2018

عوامي آواز رپورٽ | ڪراچي : ناليواري اطيب ۽ دانشور تاج محمد ابڙو جو 93 جنم ڏهاڙو

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو 8 آگسٽ 1924ع تي شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو .

 هن شروعاتي تعليم قمبر ۽ مئٽرڪ لاڙڪاڻي مان ڪئي.

تاج محمد ابڙو 1943ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ  کانپوءِ ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتي ۽ تعليم سان گڏ سياسي ميدان ۾ حصو وٺندو رهيو.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو قانون جي سند حاصل ڪرڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي اچي وڪالت شروع ڪئي .

لاڙڪاڻي ۾ سندس اوطاق تي ماڻهن جا ميلا متل هوندا هئا، هن جي اوطاق تي ڪيئي سياستدان ڀيرو ڀريندا  هئا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان سندس ويجهڙائپ هئي. پاڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏجي هاري تحريڪ ۾ عملي طور ڪم ڪيائين.

لاڙڪاڻي جي سياستدانن مان قاضي فضل الله ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان نه فقط هن جا ويجها تعلقات هئا.

1970 ع ۾  هن کي نوڪري ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کيس سيشن جج طور مقرر ڪرايو. هن پنهنجي بهترين جج  جو حق ادا ڪيو.

تاج محمد ابڙو جي ڪوششن سان لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ٿي، ۽ ڪيترائي ننڍا وڏا ادبي پروگرام ۽ ميڙاڪا ٿيا.

تاج محمد ابڙو 10 مارچ 1986 تي ڪراچيءَ  جي اسپتال ۾  دل جي دوري سبب سنڌ واسين کان هيمشه  لاءِ وڇڙي ويو، جيتوڻيڪ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هن وقت موجود نه آهي پر سندس ادا ڪيل سنڌ دوست ڪرادر سدائين تاريخ جي ورقن جو سونهري باب رهندو ……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے