18 اتوار , نومبر 2018

ميچ فڪسنگ: شاهه زيب خان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ تي گهرو وزارت ۽ پي سي بي کان جواب طلب

لاهور(اسپورٽس نيوز) لاهور هاءِ ڪورٽ ميچ فڪسنگ جي الزام ۾ معطل ڪرڪيٽر شاهه زيب جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ خلاف درخواست تي گهرو وزارت ۽ پي سي بي کان 15 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي روبرو ڪرڪيٽر شاهه زيب جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ معطل ڪرڪيٽر پنهنجو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي قدم کي چيلينج ڪيو آهي. شاهه زيب جي وڪيل ٻڌايو ته ميچ فڪسنگ جي الزام ۾ معاملو ٽريبيونل ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. وڪيل اهو نقطو کنيو ته ڪنهن به شهري کي شفاف ٽرائل کان بغير ڏوهاري قرار نٿو ڏئي سگهجي ۽ نه ئي ان خلاف قانون کان هٽي ڪري ڪا ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي ٿي. وڪيل اعتراض ڪيو ته پي سي بي جي درخواست تي گهرو وزارت شاهه زيب جو نالو غيرقانوني طور تي اي سي ايل ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جي ٻاهر وڃڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. وڪيل ٻڌايو ته شاهه زيب کي پنهنجي گهر واري سان ملڻ لاءِ انگلينڊ وڃڻو آهي ان لاءِ ان جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. درخواست تي وڌيڪ ڪارروائي 15 آگسٽ تي ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهڙي به نمبر تي موڪليو وڃي سو سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان: بابر اعظم

لاهور (اسپورٽس نيوز ) ٽيل اينڊرز جي ساٿ ڇڏي وڃڻ تي بابر اعظم مايوسي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے