20 منگل , نومبر 2018

معين علي جي بهترين بالنگ، انگلينڊ ڏکڻ آفريقا کان ميچ ۽ ٽيسٽ سيريز کٽي ورتي

مانچسٽر (اسپورٽس نيوز) معين علي جي بهترين بالنگ سبب انگلينڊ ڏکڻ آفريقا کي چوٿين ٽيسٽ ميچ ۾ 177 رنسن تان شڪست ڏئي چار ميچن جي سيريز 1-3 تان پنهنجي نالي ڪريو رتي. اولڊ ٽريفرڊ ۾ کيڏيل ميچ جي چوٿين ڏينهن ئي ختم ٿي وئي. جڏهن ته جوءِ روٽ جي قيادت ۾ هي پهرين سيريز آهي جيڪا انگلينڊ پنهنجي نالي ڪئي. ڏکڻ آفريقاک ي آخري ٽيسٽ ۾ فتح لواءِ 380 رنسن جو هدف مليو پر انهن جي پوري ٽيم چوٿين ڏينهن چانهن جي وقفي کان فوري بعد 202 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڏکڻ آفريقا جون آخري ٻئي وڪيٽون معين علي ٻن بالن تي مورني مورڪل ۽ ڊواني اوليور کي آئوٽ ڪري حاصل ڪيون. اهڙي طرح معين علي ميچ ۾ 69 رنسون ڏئي 5 جڏهن ته سيريز ۾ گڏيل طور تي 25 وڪيٽون حاصل ڪيون. انگلينڊ جي هي 1998ع کانپوءِ ڏکڻ آفريقا خلاف هوم ٽيسٽ سيريز ۾ پهرين ڪاميابي آهي. چوٿين ڏينهن ماني جي وقفي تائين ڏکڻ آفريقا جا 40 رنسن تي 4 رانديگر آئوٽ هئا ۽ هاشم آملا ۽ ڪپتان فاف ڊوپليسي ڪريز تي موجود هئا. ٻنهي رانديگرن 123 رنسن جي بهترين پارٽنرشپ قائم ڪئي ۽ ٽيم جي اسڪور کي 163 تائين پهچايو پر پوءِ هاشم آملا 83 رنسون ٺاهي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو. اهو موقعو هو جڏهن ڏکڻ آفريقا هٿان ميچ نڪرڻ شروع ٿيو ۽ ڪو رانديگر گهڻي دير تائين ڪريز تي نه بيهي سگهيو. ڏکڻ آفريقا جي پنجين ۽ ڇهين وڪيٽ 173 تي ڪري جڏهن ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ هڪ ۽ ٿونس ڊي برون بنا کاتو کولڻ جي پويلين موٽيو. 183 جي گڏيل اسڪور تي فاف ڊوپليسي به 61 رنسون جي اننگز کيڏي وڪيٽ وڃائي ويٺو، ڪگيسو ربادا هڪ جڏهن ته مورني مورڪل ۽ ڊواني اوليور بنا ڪنهن رن ٺاهڻ جي آئوٽ ٿيا. بهترين پرفارمنس تي معين علي کي مين آف دي ميچ ۽ مين آف دي سيريز جو حقدار قرار ڏنو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shafiq chalks up 4,000 runs as Pakistan eyes victory

اسد شفيق جون ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ چار هزار رنسون مڪمل

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀلوڙ بيٽسمين اسد شفيق ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 4 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے