14 بدھ , نومبر 2018

نئين چيئرمين جي مقرري: پي سي بي جي اڳوڻن چيئرمينن جو به نجم سيٺي جي حق ۾ ووٽ

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ٻن اڳوڻن چيئرمينن بورڊ جي نئين چيئرمين جي مقرريءَ لاءِ نجم سيٺي کي بهترين اميدوار قرار ڏئي ڇڏيو. پي سي بي جي نئين چيئرمين جي چونڊ لاءِ هلندڙ هفتي چونڊون ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن لاءِ ايگزيڪٽو ڪميٽي جي موجوده چيئرمين نجم سيٺي اڳڀرو اميدوار آهي. پي سي بي جي اڳوڻي چيئرمين خالد محمود پاڪستان سپر ليگ ڪرائڻ ۽ بورڊ جي ٻين انتظامر معاملن کي بهترين طريقي سان هلائڻ تي نجم سيٺي جي تعريف ڪئي. ان جو چوڻ هو ته جڏهن پهريون ڀيرو 2013ع ۾ نجم سيٺي سان هن جي ملاقات ٿي ته ان وقت ۾ ان مان ڪجهه وڌيڪ متاثر نه ٿيو هو پر وقت سان گڏوگڏ ان لاءِ سندس راءِ تبديل ٿي وئي. انج و اهو به چوڻ هو ته نجم سيٺي پنهنجو پاڻ کي هڪ بهترين انتظام ڪندڙ طور مڃرايو آهي، جنهن جو سڀ کان وڏو مثال ٻه ڀيرا پي ايس ايل ڪرائڻ آهي. پي سي بي جي اڳوڻي چيئرمين چيو ته پي ايس ايل پاڪستنا ۾ نوجوان رانديگرن لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم فراهم ڪيو ۽ آءِ سي سي چئمپينز ٽرافي ۾ پاڪستان جو نئون ٽيلنٽ نظر آيو. پي سي بي جي هڪ ٻئي اڳوڻي چيئرمين جنرل توقير ضيا به خالد محمد جي خيالن جي پٺڀرائي ڪندي نجم سيٺي کي بورڊ جي سربراهي لاءِ بهترين اميدوار قرار ڏنو، ان جو چوڻ هو ته هن جي نظر ۾ نجم سيٺِ پي سي بي جا معاملا هلائڻ لاءِ هڪ بهترين اميدوار آهي، هن چيو ته جيڪڏهن هن کي چيئرمين مقرر ڪرڻ جي چونڊڻ ۾ بيهاريو وڃي ته هو نجم سيٺي جي حق ۾ هٿ کڻي ويندو. ليفٽيننٽ جنرل ريٽائر توقير ضيا چيو ته پي سي بي ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ جي معالن تي نجم سيٺي جي گهري نظر آهي جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ گهري ٿيندي پئي وڃي. ان جو وڌيڪ چوڻ هو ته نجم سيٺِ کي هڪ ايجنڊي تحت تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو رهيو آهي پر ان کي انهن سڀني شئين کان پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئي سي سي ون ڊي رينڪنگ: پاڪستان  پنجين نمبر تي اچي ويو

دبئي(اسپورٽس نيوز)آئي سي سي جي ون ڊي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي ٽيم پهرين ۽ پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے