16 جمعہ , نومبر 2018

مداحن جي خواهشن کي ڏسي فلم ٺاهيندو آهيان: اجي ديو گن

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اجي ديوگن چيو آهي ته مداحن جي راءِ کي پڻ نظر ۾ رکڻ گهرجي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب اداڪار اجي ديوگن چيو آهي ته سندس شهرت سڄي دنيا ۾ وڏي انگ ۾ موجود سندس مداحن جي محبت ۽ قدرداني سبب آهي ۽ هو جڏهن ڪا فلم ٺاهيندو آهي ته مداحن جي خواهشن ۽ چاهتن کي ضرور ذهن ۾ رکندو آهي. هن چيو ته اسان جا مداح اسان کي اسٽار بڻائيندا آهن، اسان سان محبت ڪندا آهن ته اسان کي پڻ پنهنجن مداحن جي راءِ کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن چيو ته سندس فلم ”گول مال فور“ ۽ ”بادشاهو“ به منفرد فلمون آهن. ٻنهي جا موضوع هڪ ٻئي کان مختلف آهن ۽ مداحن کي 2 مختلف فلمون ڏسڻ جو موقعو ملندو ۽ کيس ان حوالي سان ڪا پريشاني ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيڪڏهن احد ۽ مومنه ڪوڪو ڪورينا ڳائي سگهن ٿا ته جگر جلال ڇو نه؟

ڪراچي(شوبز نيوز)ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 11 ۾ گذريل مهيني احد رضا مير ۽ مومنا مستحسن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے