13 منگل , نومبر 2018

زندگيءَ ۾ هاڻي ڪڏهن به پوئتي نٿي ڏسڻ چاهيان: ڪترينا ڪيف

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي باربي ڊول ڪترينا ڪيف جو چوڻ آهي ته هوءَ زندگي ۾ پوئتي ڦري نٿي ڏسڻ چاهي، جڏهن ته زندگي ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيندو آهي اهو ڪنهن نه ڪنهن مقصد تحت ٿيندو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق بالي ووڊ جي باربي ڊول ڪترينا لاءِ گذريل سال ذاتي زندگي ۽ پروفيشنل حوالي سان سٺو ناهي رهيو، جتي اداڪارا جي پنهنجي گهري دوست رنبير ڪپور سان عليحدگي به ٿي، جڏهن ته هوءَ فلمن جي حوالي سان به ڪا خاص ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهي، جڏهن ته ويجهر ۾ ئي رليز ٿيندڙ ان جي فلم جگا جاسوس به باڪس آفيس تي ڪو ڪمال نه ڏيکاري سگهي. اداڪارا کان جڏهن ان جي ماضي ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت پڇيو ويو ته ان جو چوڻ هو ته هوءَ زمدگي ۾ ڪنهن به شئي پٺيان ڀڄڻ نٿي چاهي، انسان هئڻ ناطي اسان کي زندگي ۾ اڳتي وڌڻ گهرجي، جڏهن ته زندگي ۾ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي ان کي قبول ڪرڻ گهرجي. اداڪارا چيو ته هوءَ زندگي ۾ ڪڏهن ته پوئتي ڦري نٿي ڏسڻ چاهي، جڏهن ته زندگي ۾ جيڪو ڪجهه به ٿئي چاهي محبت، عليحدگي، ڪاميابي ٿئي يا ناڪامي هو ڪنهن نه ڪنهن مقصد تحت ٿيندي آهي. ڪترينا ڪيف چيو ته انسان کي پاڻ مضبوط هئڻ گهرجي ۽ چيلنجز کان نه ڀڄڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيف علي خان جي ڌيءُ رنڀير ڪپور سان شادي جي خواهشمند

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان جي ڌيءُ  سارا علي خان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے