13 منگل , نومبر 2018

نواز شريف جي اڄ لاهور روانگي، 5 سالن بعد گيلاني جي نااهلي غلط قرار ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پهريون ڀيرو يوسف رضا گيلاني جي نااهلي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پنهنجي نااهلي جي فيصلي جو احترام ڪريان ٿو پر ان  سان اختلاف به آهن. پنجاب هائوس اسلام آباد ۾ پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو ته ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين 18 وزير اعظم گذري چڪا آهن پر هڪ کي به آئيني مدو پورو ڪرڻ ناهي ڏنو ويو، آئين کي ٽوڙيو ويو، وزير اعظم کي ڦاهيون ڏنيون ويون، ملڪ بدر ڪيو ويو، ڇا عوام جي ووٽ کي ائين ئي ذليل ڪيو ويندو. انهن سوالن جو جواب سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ اسان سڀني تي فرض آهي، ملڪ ۾ جمهوريت ۽ پاليسين جو تسلسل نه رهيو ته پاڪستان ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگهندو. آئون سمجهان ٿو ته يوسف رضا گيلاني جو معاملو نااهلي تائين نه وڃڻ گهرجي ها، پنهنجي نااهلي بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو احترام ڪيان ٿو پر ان سان اختلاف به آهن،  مون جيڪي قربانيون ڏنيون انهن جو فائدو ملڪ کي ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته مون کي پهريون ڀيرو صدر ڪڍيو، ٻيون ڀيرو ڊڪٽيٽر هاءِ جيڪر بڻائي ڇڏيو ۽ ٽيون ڀيرو پٽ جي ڪمپني کان پگهار نه وٺڻ تي عدليه مون کي ڪڍي ڇڏيو ۽ هاڻ نئب ۾ پهرين ڀيرو خانگي ڪاروبار جو ريفرنس تيار ڪيو پيو وڃي، معاملو اڄ جو ناهي، منهنجي اسڪول جي دور جو آهي، 1973ع ۾ منهنجي والد پرڏيهه وڃي سيڙپڪاري ڪئي. هن چيو ته پرويز مشرف کي مون نه پر عدليه پرڏيهه اماڻيو، گهر اماڻيو ويو آهي ته گهر ئي وڃان پيو ۽ گهر وڃڻ طاقت جو مظاهرو نه آهي. هن چيو ته نئب تي سپريم ڪورٽ جو جج ويهاريو ويو آهي، جيڪو پنهنجي مرضي جو ٽرائل ڪرائي فيصلو ڏياريندو ۽ فيصلي کانپوءِ اپيل به ان ئي جج وٽ ويندي. هن چيو ته سياستدانن هميشه مسئلن جو حل ڳوليو، جمهوري حڪومت جي هوندي پاڪستان ڪڏهن به جنگ ۾ حصو نه ورتو. 1971ع جي جنگ کانپوءِ به ذوالفقار ڀٽو ملڪ سنڀاليو، آئون به خطي ۾ امن ۽ ڪشمير مسئلي جو حل چاهيان ٿو، والاريل ڪشمير ۾ ظلم بند ٿيڻ گهرجي. مون گڏيل قومن ۾ ڪشميرين لاءِ آواز اٿاريو، ڪشمير  مسئلو جنگ سان نه پر ميز تي ويهي ڳالهين سان حل ڪرڻ گهرجي.1130

اسلام آباد/لاهور (بيورو+م ڊ+ آن لائن) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف اڄ جي ٽي روڊ وسيلي اسلام آباد کان لاهور روانو ٿيندو پر سيڪيورٽي ادارنسيڪيورٽي ڪليئرنس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ گهرو وزارت ۽ حساس ادارن موٽر وي کان وڃڻ جي درخواست ڪئي آهي. ذريعن موجب ريلي جلد لاهور پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جون آفيسون بند ڪيون وينديون. ذريعن موجب سيڪيورٽي ڪليئرنس بعد نواز شريف ڪنٽينر مان نڪرندو. هو مختلف جاين تي خطاب به ڪندو.سڄي رستي ۾ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. گهرو وزير احسن اقبال نواز شريف سان ملاقات ڪري سفر بابت سيڪيورٽي ادارن جي رپورٽن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته شرپسند توهان کي نقصان پهچائي سگهن ٿا پر نواز شريف اها رپورٽ رد ڪري ڇڏي، هو جي ٽي روڊ کان ئي ويندو. هوڏانهن ن ليگ اڳواڻ آصف ڪرماڻي چيو آهي ته نواز شريف پروگرام موجب سڀاڻي جي ٽي روڊ تان روانو ٿيندو، هو صبح نائين وڳي اسلام آباد کان لاهور ويندو، سندس حفاظت ملڪ جو عوام ڪندو. پنهنجي بيان ۾ آصف ڪرماڻي جو چوڻ هو ته عوام نواز شريف کي ڏسڻ لاءِ بي چين آهي، اڳوڻي وزيراعظم طرفان لاهور وڃڻ جي فيصلي کانپوءِ مخالف پريشان آهن. هن چيو ته عوام جو فيصلو آهي ته نواز شريف جي ٽي روڊ سان اچي، هن سدائين عوام جي فيصلي کي ڀليڪار ڪيو آهي. آصف ڪرماڻي چيو ته اسان کي اسلام آباد انتظاميا طرفان اين او سي ملي وئي آهي، نواز شريف ڪٿي ترسندو، ان جو فيصلو سڀاڻي ڪنداسين، سندس محافظ ملڪ جو عوام آهي.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرپٽ صرف سياستدان نه ٻيا به آهن، رياست جي ڪردار ۽ پاليسي تي بحث جي ضرورت آهي: رضا رباني

اسلام آباد (م ڊ) پ پ اڳواڻ ۽ سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ميان رضا رباني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے