23 بدھ , جنوری 2019

اڄ پشاور ۾ نواز شريف جي حق ۾ نعرا لڳا، سياست ۾ سيڪيورٽي خدشا هوندا آهن: امير مقام

پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور مان اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ريلي ۾ شرڪت جي لاءِ قافلو ن ليگ جي اڳواڻ امير مقام جي قيادت ۾ اسلام آباد جي لاءِ روانو ٿي ويو آهي. قافلي ۾ هزارين ڪارڪن شامل آهن ۽ انهن نواز شريف جي حق ۾ نعريبازي به ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي امير مقام چيو ته پشاور مان هزارين ڪارڪن نواز شريف سان ٻڌڻي جي اظهار لاءِ اسلام آباد  ريلي ۾ شرڪت ڪندا ۽ جيئن جيئن اهو قافلو اڳتي وڌندو ويندو نواز شريف جي چاهيندڙن جو انگ لکن ۾ ٿي ويندو. هن چيو ته سياست ۾ سيڪيورٽي خدشا ته هوندا ئي آهن اڄ ڪي پي ڪي ۾ به نواز شريف زندهه آباد جا نعرا لڳي رهيا آهن ۽ اڄ عمران خان کي ڏيکارينداسين ته ڪي پي ڪي جو عوام نواز شريف سان گڏ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ساهيوال آپريشن …….. راجا بشارت وري ٻيو بيان ڏئي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت جو چوڻ آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے