12 بدھ , دسمبر 2018

آرمي چيف سان سعودي نائب دفاع واري وزير جي ملاقات، خطي جي صورتحال تي ڳالهيون

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان سعودي جي دفاع واري نائب وزير محمد بن عبدالله العيش ملاقات ڪئي آهي، ٻنهي اڳواڻن خطي جي سڪيورٽي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سعودي نائب دفاع واري وزير محمد بن عبدالله العيش سان ملاقات ۾ چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان گڏ ڀائيواري ۽ دفاعي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏيندو آهي، آرمي چيف حرمين شريفين ۽ سعودي عرب جي جاگرافيائي خودمختياري جي حفاظت جو عزم به دهرايو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ڳالهائيندي سعودي نائب دفاع واري وزير دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪوششن، ڪاميابين ۽ قربانين کي ساراهيو، سعودي نائب دفاع واري وزير محمد بن عبدالله العيش عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف جي ڀرپور تائيد ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀ ڪيس گذريل دور جا آهن، اسان ڪو ڪيس ناهي ٺاهيو: عليم خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان چيو آهي ته سڀ ڪيس گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے